بدامني وڌي وئي،چور 7 ستن دڪانن جا تالا ڪٽي لکين رپيا ٻهاري ويا

بدامني وڌي وئي،چور 7 ستن دڪانن جا تالا ڪٽي لکين رپيا ٻهاري ويا

نوشھرو فيروز)ن سنڌيار)نوشھرو فيروز مٺياڻي باء پاس تي ھڪ رات ۾ 7 ستن دڪانن جا تالا ڪٽي چوري لکين روپيا ٻھاري ويا ۔گذريل رات مٺياڻي روڊ تي محمد خان ڏنڱراج جنھن جو پيڊھي جو دڪان جا تالا ڪٽي ٽجوڙيو ٽوڙي 15 لک چور ٻھاري وياا۔انجي ڀرسان پنھور جي دڪان جا تالا ڪٽي 58 ھزار روڪ ۽ ان جي ڀرسان زاھد حسين ڏيٿو جي ميڪل اسٽو ر جا تالا ٽوڙي 25 ھزاروڪ سيٺھ عبدالغفر جي پيڊھي جا تالا ٽوڙي ھڪ لک اسي ھزار روڪ کڻي ويا ان جي ڀرسانمنور راجپوٽ جيدڪان مان 3 لک روپيافھيم جي دڪان جا تالا ڪٽي ھڪ لک روپيا ٻھاري ويا دڪاندارن جو احتجاج ان موقعي تي وزير وڳڻ چيو ته نوشھرو فيروز دڪان ڀڄڻ معمول بنجي ويا پوليس رڳو ٿاڻن تائين محدود آھي ڪوبه رات جو شھر ۾گشت نه ٿو ڪيو وڃي سري عام چور تالا ٽوڙي ھر مھيني لکين روپيا ٻھاري وڃن ٿا پوليس نالي ڪا شيء نه آھي ان موقعي تي رفيق پيراده چيو ٽن ڏينھن ۾ پوليس چوري واپس نه ڪرائي ته ھاڻي دڪاندا ڌماڌم مست قلندر ڪدا شٽر بند ھڙتال ۽ نيشنل ھاء وي تي ڌرڻو ھڻنداسين جي ڪجھ به ٿيو ان جي ذميوار پوليس ھوندي ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو