بجلي صارفين کي 63.94 ارب رپين جو وڏو رليف ملڻ جو امڪان

بجلي صارفين کي 63.94 ارب رپين جو وڏو رليف ملڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪي-اليڪٽرڪ سميت ملڪ جي بجلي جي صارفين کي 63.94 ارب رپين جو وڏو رليف ملڻ جو امڪان آهي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب، ڊسڪوز ڪئلينڊر سال 2026 جي پهرين ٽه ماهي لاءِ ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي.نيپرا هن درخواست تي 19 مئي تي ٻڌڻي ڪندي، ۽ صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ بابت آخري فيصلو نيپرا جي ٻڌڻي کان پوءِ ڪيو ويندو.درخواست موجب، جنوري کان مارچ تائين گنجائش جي چارجز ۾ 36.83 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته سسٽم يوزيج چارجز ۽ مارڪيٽ آپريشن فيس ۾ 11.24 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي.ڊسڪوز جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انڪريمينٽل يونٽس ۾ 23.51 ارب رپين جي گهٽتائي جي درخواست آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو