دادو(ن س)قومي اسمبلي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل رفيق احمد خان جمالي ڳوٺ غازي جمالي ۾ باهه سبب 4 گهر ڀاتي سڙي فوت ٿيڻ واري ھنڌ پهچي ويو ۽ وارثن کي ضلعي ڪائونسل چيئرمين طرفان جاري ڪيل سهائتا طور 8 لک جو چيڪ پيش ڪيو. ان فوتين جي وارثن سان فاتحه ڪئي ۽ سڙي ويل گهرن جي جاء تي نوان گهر تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ گهرن کي باهه لڳڻ سبب گهر ڀاتي صاحب آلکاڻي ۽ سندن 3 ٻارڙا حنيف آلکاڻي , فوزيه ۽ شاهه زيب سڙي فوت ٿيا هئا. سردار رفيق احمد جمالي چيو ته واقعو افسوسناڪ آھي انساني جان جي ڪابه قيمت ناهي پر وس آھر سڙيل گهرن جي تعميرات ۽ سهائتا خاطر ڀرپور مدد ڪنداسين.










