باجوڙ )ويب ڊيسڪ)باجوڙ ڌماڪي ۾ وڌيڪ 3 زخمي فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 46 ٿي ويو.ضلعي هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته باجوڙ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 83 کان وڌيڪ ماڻهو مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.هن چيو ته سڃاڻپ کانپوءِ وارثن پاران 38 لاش کڻائي ويا آهن، جڏهن ته 8 لاش اڻڄاتل هئڻ سبب اسپتال ۾ رکيا ويا آهن.ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته باجوڙ ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 5 ٻار به شامل آهن، ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) نذير خان جو چوڻ آهي ته ٽن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.باجوڙ ڌماڪي جي ايف آءِ آر پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي باجوڙ ۾ نامعلوم حملي آور خلاف داخل ڪئي وئي آهي.واقعي جي ايف آءِ آر اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) خار نياز محمد خلاف داخل ڪئي وئي آهي.ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي، قتل، قتل جي ڪوشش ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.










