باجوه موجوده آرمي چيف جي مقرري جو حامي نه هو: صديقي

باجوه موجوده آرمي چيف جي مقرري جو حامي نه هو: صديقي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) ۾ چونڊ اتحاد جو امڪان آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته نوازشريف جي دبئي اچڻ کان پوءِ مريم نواز، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو به دبئي پهچي چڪا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن)جي تلخ تاريخ سان گڏوگڏ مثبت تاريخ به رهي آهي جيڪا ميان نوازشريف جي ٻئي دور کان شروع ٿي جڏهن بينظير ڀٽو مخالف ڌر جي اڳواڻ هئي. ان کان پوءِ 13 ۽ 14هين ترميم ٿي. پوءِ ميثاق جمهوريت جي هڪ وڏي اڳڀرائي ٿي. ڪيترن ئي ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته ميان نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ سٺا لاڳاپا هئا. هن چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجي شهادت کان اڳ پنهنجي سيڪريٽري ناهيد خان کي چيو ته مون کي فون تي نوازشريف سان ڳالهرايو پر ڪنهن سبب جي ڪري ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. هاڻ دبئي ۾ نوازشريف، مريم نواز، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو موجود آهن.نوازشريف کي علاج لاءِ پرڏيهه اماڻڻ جي حوالي سان سينيٽر عرفان صديقي چيو ته نوازشريف جي جيڪا بيماري سامهو آئي ان تي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڀروسي جي ڊاڪٽر فيصل کي انڪوائري تي لڳايو انهي به نوازشريف جي شديد بيماري جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته هن معاملي کي سياسي اشو نه بنائڻ گهرجي. جيل ۾ رهڻ سان نوازشريف جي صحت جا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي ويا جنهن تي فوجي قيادت به ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي. اهو به چئي سگهجي ٿو ته اهو ان وقت جي حڪومت ۽ فوج جو گڏيل فيصلو هو. سينيٽر عرفان صديقي انڪشاف ڪيو ته 2022 ۾ تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم جي ٻين پارٽين جنرل قمر جاويد باجوه کي آرمي چيف جي عهدي تي هڪ ٻيو ايڪسٽينشن ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو پر جڏهن اهو پيغام اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف تائين پهتو ته نوازشريف ان فيصلي جي سامهون ڀت بڻجي ويو. ميان نوازشريف پاڻ مون کي ٻڌايو ته ايڪسٽينشن جي لاءِ حڪومت کي ڌمڪيون مليون ۽ چيو ويو ته مارشل لا به لڳي سگهي ٿو پر نوازشريف پنهنجي موقف تي قائم رهيو.عرفان صديقي چيو ته سينارٽي لسٽ ۾ جنرل عاصم منير پهرين نمبر تي هو. نوازشريف چيو هو ته جيڪو پهرين نمبر تي آهي ان کي ئي آرمي چيف بنايو وڃي. جنرل باجوه موجوده آرمي چيف جي مقرري جو حامي نه هو. هن پنهنجي پسنديده اميدوار جي باري ۾ ڪافي دٻاءُ به وڌو هو پر ميان نوازشريف قدم کنيو ۽ چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم جو آهي جيڪو ٻين پارٽين سان مشاورت کان پوءِ استعمال ڪنداسين. هن ٻڌايو ته اوهان کي ياد هوندو ته ان دوران سمري اچي رهي آهي، نه پئي اچي، اهڙيون ڪهاڻيون به هلنديون رهيون پر ميان نوازشريف جو فيصلو اٽل رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو