ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)يونين ڪائونسل لاکاٽ جي مختلف علائقن مان علائقي جي بااثرن پاران پاندي واهه جي ڪنارن تان غيرقانوني طورمٽي چوري ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ . سرڪاري مٽي چوري ٿيڻ واري عمل خلاف رهواسين جو احتجاج چوري ۾ ملوث بااثرن خلاف ڪاروائي جو مطالبو خبر موجب ٽنڊومحمدخان جي لاکاٽ جي رهواسين مٺو ڪولهي . وسايو خاصخيلي . ابراهيم ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين احتجاج ڪندي چيو آهي ته لاکاٽ جي مختلف علائقن مان سرڪاري مٽيءَ جي چوري جو سلسلو ڪيتري وقت کان جاري آهي علائقي جي ڊمپر مافيا پانڌي واهه . سم نالن ۾ سرڪاري ڀڏن تائين غير قانوني طور تي روزانو ڊمپرن ذريعي لکين روپين جي مٽي چوري ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته آبپاشي کاتي ۽ ٻين کاتن جي ملي ڀڳت سان نوان ٺهيل پيٽرول پمپ، رائس ملز، پلاٽ ڀرڻ لاءِ قيمتي سرڪاري زمين چوري ٿي رهي آهي، ايندڙ برساتن جي پاڻي سبب اسان جي علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊمپر مافيا خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










