بااثر جي زيادتين خلاف نادرا ملازمن جو احتجاج

بااثر جي زيادتين خلاف نادرا ملازمن جو احتجاج

گمبٽ (رپورٽ عبدالحي شيخ): گمبٽ ۾ غريب عورتن لاءِ سروي سينٽر تي ڪم ڪندڙ نادرا ملازمن پاران بااثرن جي ڏاڍاين خلاف دانھون، بااثرن سينٽر ۾ گھڙي تشدد ڪيو ۽ ڀڃ ڊاھ ڪئي، ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي. خبر موجب گمبٽ ۾ غريب ۽ بيواہ عورتن جي سھائتا لاءِ قائم ڪيل احساس ڪفالت سروي سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ نادرا ملازمن نادرا گمبٽ آفيس جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آصف علي عباسي، قطب الدين شاھ، سروي سينٽر جي ڊيٽا آپريٽر اظھر علي عباسي ۽ ٻين پريس ڪلب گمبٽ پھچي بااثرن خلاف دانهيو آهي ته ٻه ڏينھن اڳ بااثر 7 ڄڻن ھٿيار ۽ ڏنڊا کڻي سينٽر تي حملو ڪري سينٽر ۾ فرنيچر ۽ ڪمپيوٽر جي ڀڃ ڊاھ ڪندي ملازمن تي تشدد ڪيو جنھن ۾ انچارج اظھر علي عباسي، ارسلان مھر، شان محمد سومرو زخمي ٿي پيا. ھنن الزام ھڻندي چيو ته حملو ڪندڙ سليم گھمرو، محمد حيات انڙ، ذوالفقار گھمرو ۽ 4 نامعلوم ماڻھو وڏي تعداد ۾ عورتن جا شناختي ڪارڊ کڻي آيا ۽ زبردستي داخلا رکڻ لاءِ چيو جنھن کان انڪار ڪرڻ تي حملو ڪري سروي سينٽر اندر تشدد ۽ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد ڌمڪيون ڏيندي ھليا ويا. ھنن وڌيڪ چيوته غريب مستحق عورتن جي سروي ۾ داخلا رکڻ جو اصل طريقو ان عورت جو ڪارڊ سميت ھجڻ لازم ھوندو آھي ۽ سندس ڊيٽا محفوظ ڪئي ويندي آهي پر حملو ڪندڙ بااثر ماڻھو سروي سينٽر ۾ عورتن جي غيرقانوني داخلا ڪرائڻ چاھين پيا. ھنن چيوته گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر ان باوجود پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سروي سينٽر تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ۽ تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو