اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد کي 34 سال قيد جي سزا

اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد کي 34 سال قيد جي سزا

گلگت (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وڏي وزير جي بي خالد خورشيد کي 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.اڳوڻي وڏي وزير خلاف سخت نتيجا ڀوڳڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت اڳوڻي وڏي وزير تي 6 لک رپيا ڏنڊ به لڳايو.عدالت آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو وڃي.عدالت ڊي جي نادرا کي جوابدار جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو