واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن کي “جارحاڻي قسم” جي پروسٽٽ ڪينسر جي تشخيص ٿي آهي، جيڪو سندس هڏن تائين ڦهلجي چڪو آهي. جو بائيڊن جي آفيس پاران آچر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 82 ورهين جي بائيڊن کي جمعي ڏينهن پيشاب سان لاڳاپيل علامتن کان پوءِ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي ۽ هو پنهنجي خاندان سان گڏ ڊاڪٽرن سان علاج جا آپشن غور هيٺ آڻي رهيو آهي. ”جيتوڻيڪ هن بيماري جو هڪ وڌيڪ جارحاڻو روپ آهي، پر ڪينسر هارمون تي دارومدار رکندڙ لڳي ٿو، جيڪو مؤثر طريقي سان ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو،“ بيان موجب جيڪڏهن ڪينسر ڦهلجي چڪو هجي، يا ميٽاسٽاسس ٿي چڪو هجي، ته ان کي اسٽيج 4 سڏيو ويندو آهي، جيڪو سڀ کان اڳڀرو مرحلو هوندو آهي. گهڻا پروسٽيٽ ڪينسر ابتدائي مرحلن تي سڃاتا ويندا آهن. سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پروينشن مطابق، 2021 ۾ پروسٽٽ ڪينسر جا 236,659 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 70 سيڪڙو ۾ ڪينسر پروسٽٽ کان ٻاهر ڦهلجڻ کان اڳ سڃاڻپ ٿي. ان سال نون تشخيص ٿيل پروسٽٽ ڪينسر ڪيسن مان لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو اڳڀري مرحلي وارا هئا. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽ ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ ساڻس همدردي جو اظهار ڪندي سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.










