اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ فراڊ جو حل ٽيڪنالوجي آهي، ايندڙ عام چونڊون ٽيڪنالوجي سان ڪرايون وينديون، اُن سان جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿي ويندو ۽ سڀ نتيجا قبول ڪندا، نادرا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي نادرا جي ڊيٽا سان ڳنڍيو ويندو، هاڻي 21هين صديءَ جون عام چونڊون ڪرايون وينديون، وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ 33 لک افغان پناهگير رهن ٿا، افغان پناهگيرن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي پرڏيهي رجسٽرڊ ٿيل نه آهن، ايليئن ڪارڊ ٺهڻ سان اُهي ڌارا ۾ اچي ويندا ۽ غيرقانوني ڪمن کان بچي سگهندا، بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۾ کين آساني ملندي.










