لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن 14 مئي تي چونڊون نه ڪرايون ويون ته هو روڊن تي نڪرندا.چونڊون ٿيڻ تائين ساهه نه کڻندس ۽ ايندڙ هفتي کان 14 مئي تائين جلسا ڪندس.لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي چيف جسٽس سان يڪجهتي ريلي زمان پارڪ کان شروع ٿي ۽ عمران خان لڪشمي چوڪ ميٽرو اسٽيشن تي پنهنجي ڪار جي اندران ريلي کي خطاب ڪيو.پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته جيڪڏهن 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته هو روڊن تي هوندس، هو ايندڙ هفتي کان 14 مئي تائين جلسا ڪندو، اليڪشن ٿيڻ تائين ساهه نه کڻندو.هن چيو ته اسان تي قاتلاڻن حملن جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، کين قوم جي نقصان جي پرواهه ناهي، قانون جي بالادستي لاءِ هر ڪو ٻاهر اچي رهيو آهي، آئين چوي ٿو ته اسيمبلي ٽوڙي ته 90 جي اندر چونڊون ڪرايون وڃن. سڀ وڪيل ۽ جج متفق آهن پر اسان جون اسيمبليون ٽوڙيون ، هاڻ چونڊون نٿيون ڪرايون وڃن، نگران حڪومت، وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊون نه ٿيڻ ڏين،هن چيو ته چيف جسٽس اسان کي چيو ته اسان سان ڳالهيون ڪيون، اسان ساڻس ڳالهيون شروع ڪيون، اسان سان هر قسم جا عذر پيش ڪيا ويا، اسان کي چيو ويو ته وٽس پئسا ناهن، سندن ڪوشش هئي ته ڪنهن طرح چونڊن کي روڪيو وڃي. انهن آئين جي واضح خلاف ورزي ڪئي.عمران خان چيو ته مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته سڄي قوم هن چيف جسٽس سان گڏ بيٺي آهي، اسان رڳو چونڊون چاهيون ٿا، اسان جو آئين چوي ٿو ته الله جي حڪمراني کانپوءِ عوام جي بالادستي آهي، هن وقت ملڪ بحرانن ۾ ڦاٿل آهي. مهانگائي جي دلدل ۾ جڏهن امپورٽ ڪرپٽ حڪومت آئي آهي ۽ ملڪ جو پئسو اڌ ٿي ويو آهي.شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ بلاول جي شرڪت تي هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي توهين ٿي رهي آهي، بلاول ڀٽو ڀارت ويو ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير پاڪستان جي توهين ڪئي.










