ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڀ کان پهريان ڪراچي جي ٽن وڏن نالن تي ڪم ڪيو ويندو جنهن ۾ گجر نالو محمود آباد نالو ۽ پوءِ اورنگي نالي جو ڪم ڪيو ويندو.ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي وئي ، پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ برساتن کان اڳ ڪراچي جي سمورن وڏن نالن جي توسيع ۽ تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويندو.هن چيو ته پهريان اهي ڪراچي جي ٽن وڏن نالن ، پوءِ محمود آباد نالو ، پوءِ گجر ناول ۽ پوءِ اورنگي نالي تي ڪم ڪندا.










