اين اي 241 ڌانڌلي ڪيس، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل

اين اي 241 ڌانڌلي ڪيس، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار خرم شير زمان ڪراچي جي تڪ اين اي 241 تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ خرم شير زمان جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن، وفاقي حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ڌرين کي 30 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو