اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 راجن پور ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي.اين اي 193 راجن پور جي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي شروع ٿي ويو، ووٽر شام 5 وڳي تائين ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا.اليڪشن ڪميشن تڪ ۾ ووٽنگ لاءِ 237 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون آهن، تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 3 لک 79 هزار 204 آهي، مرد ووٽرن جو انگ 2 لک 6 هزار 495 آهي جڏهن ته عورت ووٽرن جو انگ 1 لک 72 هزار آهي. 709 آهي اليڪشن ۾ ن ليگ جي امر اويس لغاري، پ پ جي اختر حسن گور چني ۽ پي ٽي آءِ جي محسن لغاري سميت 11 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي.حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۽ ٻين جديد اوزارن سان نگراني ڪئي پئي وڃي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس، ايليٽ فورس، رينجرز ۽ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي يا چونڊ عمل ۾ خلل وجهندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










