ايلون مسڪ پاران نئين سياسي پارٽي ”آمريڪا پارٽي“ ٺاهڻ جو اعلانُ

ايلون مسڪ پاران نئين سياسي پارٽي ”آمريڪا پارٽي“ ٺاهڻ جو اعلانُ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)دنيا جي معروف ڪاروباري شخص ۽ ٽيسلا جي سي اي او ايلون مسڪ هڪ نئين سياسي پارٽي، ‘آمريڪا پارٽي’ جي قيام جو اعلان ڪيو آهي.بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، ايلون مسڪ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ايڪس’ تي پارٽي جو اعلان ڪيو، ان کي آمريڪا جي ٻن وڏين پارٽين ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽس جي روايتي نظام جي متبادل طور بيان ڪيو. پنهنجي پيغام ۾، مسڪ چيو ته موجوده نظام ملڪ کي ڪرپشن ۽ بدانتظامي ذريعي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي وقت آهي ته اسان اهڙي قيادت کي اڳيان آڻيون جيڪا صرف طاقتور طبقي جي نه پر عوام جي خدمت ڪري. هو چوي ٿو ته ‘آمريڪا پارٽي’ ماڻهن کي حقيقي آزادي ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي مقصد سان ٺاهي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو