اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت جي سپر ٽيڪس بابت فيصلي کان پوءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 237 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي کان پوءِ، فيڊرل بورڊ آف روينيو کي سپر ٽيڪس طور 327 ارب رپيا گڏ ڪرڻا آهن.ايف بي آر ذريعن موجب، صرف تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين کان تقريبن 90 ارب رپيا گڏ ڪرڻا آهن ڇو ته تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنيون اڳ ۾ ئي 44 کان 55 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيون آهن.ايف بي آر ذريعن چيو ته قانون موجب، انهن ڪمپنين تي ان کان وڌيڪ ٽيڪس نه ٿو لڳائي سگهجي، تنهن ڪري ايف بي آر 237 ارب رپيا سپر ٽيڪس طور گڏ ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي.ايف بي آر ذريعن چيو ته ايندڙ 3 ڏينهن ۾ 100 ارب رپيا گڏ ڪرڻ لاءِ وڏين ڪمپنين سان رابطا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف کي به سپر ٽيڪس جي معاملي تي آئيني عدالت جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو آهي.










