پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي شندانا گلزار خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس وقار احمد ايف آءِ اي جي نوٽيس خلاف شندنا گلزار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب جمع ڪرايو وڃي.ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءُ الله چيو ته اسان کي درخواست جي دائري اختيار تي اعتراض آهي، اهو نوٽيس کيس لاهور مان جاري ڪيو ويو. جسٽس وقار احمد چيو ته ايف آءِ اي لاهور صوبي جي رهواسين خلاف انڪوائري ڪيئن ڪري ٿي، ايف آءِ اي جي آفيس رڳو لاهور ۾ آهي ڪنهن ٻي جاءِ تي ناهي. جسٽس سيد ارشد علي پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ڇا الزام آهي؟ هن ڪهڙي خلاف ورزي ڪئي آهي؟ شندنا گلزار جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي درخواستگذار کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته عدالتي اختيار بابت ڇا چوندا؟ جسٽس سيد ارشد علي چيو ته ايف آءِ اي لاهور طرفان درخواستگذار کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته هو قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي، مٿس ڪهڙا الزام آهن؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته هنن قومي ادارن خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي.جسٽس سيد ارشد علي پڇاڻو ڪيو ته مٿس ڪهڙا الزام آهن؟ انهن کي اسان کي ٻڌايو.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته لکت ۾ فراهم ڪنداسين.پشاور هاءِ ڪورٽ درخواست جي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










