ايف آءِ اي ڇاپو، 15 سالن کان نيب کي گهربل جوابدار گرفتار

ايف آءِ اي ڇاپو، 15 سالن کان نيب کي گهربل جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي 15 سالن تائين آپريشن ڪرڻ کان پوءِ هڪ گهربل نيب جوابدار کي گرفتار ڪيو، ايف آءِ اي ترجمان موجب، جوابدار ڪامران احمد خان يوگنڊا کان ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو هو، جنهن جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو. جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ مالٽيز پاسپورٽ ۽ ريزيڊنٽ ڪارڊ استعمال ڪيو، ان حوالي سان ترجمان چيو ته نيب ڪراچي ۾ 2010 ۾ جوابدار خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو هو. شروعاتي جاچ موجب جوابدار يو اي اي فرار ٿي ويو هو. جوابدار هڪ ايجنٽ جي مدد سان 6 هزار آمريڪي ڊالرن ۾ مالٽيز پاسپورٽ ۽ ريزيڊنٽ ڪارڊ حاصل ڪيو، ايف آءِ اي ترجمان موجب، جوابدار پاران پيش ڪيل پاسپورٽ ۽ ريزيڊنٽ ڪارڊ جعلي نڪتو،ترجمان چيو ته سفري رڪارڊ موجب، جوابدار ڪڏهن به مالٽا جو سفر نه ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو