اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته وفاقي جاچ ادارو (ايف آءِ اي) اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ کانسواءِ به پرڏيهي فنڊنگ تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پابندي مڙهيل فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست تي ٻڌڻي دوران وقتي چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته جاچ جو مطلب سزا ناهي، ايف آءِ اي اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ کانسواءِ به پرڏيهي فنڊنگ تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.ان تي پي ٽي آءِ جي وڪيلن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ جي بنياد تي ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي ۽ هارس ٽريڊنگ ڪئي پئي وڃي. پي ٽي آءِ جي وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي آبزرويشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.پي ٽي آءِ وڪيلن جي سوال تي جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏنا ته هي 70 وارو ڏهاڪو ناهي جڏهن ڪو جنون ۾ پارٽي ٽوڙي ڇڏيندو هو.عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن جي پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي فيصلي خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست داخل آهي يا نه. عدالت ان حوالي سان ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ اڳواٽ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.










