ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نامياري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي ايسٽرولاجي، جي لال ڪتاب آڌار تي سيارن جي چر پر کي نظر ۾ رکندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته، ش، س، ص، گ ۽ غ جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن لاءِ 12 فيبروري کان 15 اپريل تائين آزمائش جو وقت رهندو. ان عرصي دوران زحل ۽ شمس جي ميلاپ سبب سخت تڪرار پيد ٿي سگهي ٿو. انهن حرفن جي نالن وارن لاءِ چاڻايل عرصي دوران ذهني، جسماني، صحت، اندروني ۽ بيروني معاملن ۾ پريشانيون وڌنديون. جنهن ڪري کين جلد بازي سبب نقصان ٿي سگهي ٿو، صحت ۽ مزاج ۾ ڪاوڙ ايندي، باس، مائٽن يا ڪنهن کان به پريشاني ٿي سگهي ٿي، ذاتي حيثيت متاثر ٿي سگهي ٿي، خاص خيال کان ڪم وٺو. جيترو ٿي سگهي صبر ۽ سمجهوتي سان ڪم ڪريو . انهن حرفن جي نالن وارن لاءِ صلاح آهي ته ڇنڇر ڏينهن ڪا به ڪاري رنگ جي شئي ڪنهن غريب کي دان ڪجي.










