ايس ايس پي دوستن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، شيخ

ايس ايس پي دوستن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، شيخ

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) توانائي جي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ شڪارپور هائوس تي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آءِ جي سنڌ جي معاملي تي وفاقي حڪومت ڊيڊ لاڪ قائم ڪيو آهي. وفاقي حڪومت پاران آءِ جي سنڌ جي تبديليءَ جو واعدو ڪيو ويو هو ۽ صوبائي ڪابينه پاران آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي هئي. هن وقت تائين حڪومت سنڌ ۽ آءِ جي ۾ ڪوبه رابطو ناهي، پوليس مادرپدر آزاد آهي. تنهن باوجود شڪارپور سميت پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي. جڏهن به ڪنهن آفيسر سان ورڪنگ رليشن شپ بهتر نه هوندا آهن ته سٺا آفيسر پاڻ مرادو هٽي ويندا آهن پر آءِ جي سنڌ جا ذاتي مفاد هجڻ ڪري هو هتان وڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ موجوده آءِ جي هجڻ سان سڌ پوليس سياسي ٿيندي پئي وڃي جنهن لاءِ ادارو تڪراري ٿي ويو آهي. هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور اسانجي دوستن تي ڪوڙا ڪيس ۽ ڪوڙا مقابلا ڏيکاري رهيو آهي. هن چيو ته محمد حسن تيغاڻي تي 2015 ۾ بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار جي پسمنظر ۾ ٻڪري چوريءَ جو ڪيس داخل هيو ان کي ڳوٺان کڻي ايس ايڇ او امتياز کوسي هاف فراءِ ڪيو آهي، جنهن جي اسين شديد مذمت ڪريون ٿا. ان کان علاوه تيغاڻي ۽ سبزوئي ڪميونٽيءَ جي چئن ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي جن تي چرس جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شهمير، درمحمد ۽ صدام شيخ کي پوليس غائب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عبدالنبي تيغاڻيءَ پاران ايس ايس پي کي ڏنل ليگل نوٽيس کان پوءِ ايس ايس پي شڪارپور تيغاڻي برادريءَ خلاف انتقامي ڪاروايون ڪري رهيو آهي ۽ عبدالنبي تيغاڻيءَ تي ليگل نوٽيس واپس وٺڻ جو دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪي آفيسر انتقامي ڪاروايون ڪري رهيا آهن انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ غائب ٿيل ماڻهن جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. صوبائي وزير هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته شڪارپور ۾ امن امان خراب ٿيڻ جي شڪايتن کان پوءِ ايس ايس پي شڪارپور منهنجي خلاف ڪوڙي رپورٽ ڪڍي ۽ مان چئلينج ڪريان ٿو ته شڪارپور ۾ مقرر پوئين ڏهن ايس ايس پيز کان ان ڪوڙي رپورٽ جي غير جانبدار تحقيقات ڪرائي وڃي. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته هڪ به ايس ايس پي ان رپورٽ جي تصديق نه ڪندو. آءِ جي سنڌ، صوبائي حڪومت خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ وزير اعليٰ سنڌ، تيمور ٽالپر، اعجاز جکراڻي، سعيد غني ۽ مون سميت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو