ايس ايس پي آفيس ۾ آڏو هنگامو، ماريه ساريو ۽ کدڙا فقير سينٽرل جيل منتقل

ايس ايس پي آفيس ۾ آڏو هنگامو، ماريه ساريو ۽ کدڙا فقير سينٽرل جيل منتقل

حيدرآباد (رپورٽ فيصل ڏاھري) ايس ايس پي آفيس ۾ ھنگامو ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار جونيئر ڪلرڪ ماريا ساريو ۽ کدڙن فقيرن کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آھي ،سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت سمورن جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت پوليس پاران 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي سمورن جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ۾ پيشي دوران ماريا ساريو ميڊيا سان ڳالھائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ خاموش رھي. عدالت ۾ کدڙن فقيرن پاران وومين پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او سڪينا ڀٽي تي تشدد ڪرڻ جا الزام ھنيا، کدڙن فقيرن عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان تي تشدد ڪيو ويو آھي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن کدڙن فقيرن ماريه ساريو کي پوسٽنگ ڏيڻ لاء ڪپڙن کان آجو ٿي احتجاج ڪيو ھو، ڪينٽ پوليس ماريه ساريو ۽ 14 کدڙن فقيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو