تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) سان تعاون معطل ڪرڻ لاءِ هڪ بل منظور ڪيو آهي.ايراني ميڊيا موجب، هڪ پارلياماني ڪميٽي آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) سان تعاون معطل ڪرڻ لاءِ هڪ بل منظور ڪيو آهي.ايراني ميڊيا موجب، پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي ترجمان ابراهيم رضائي تصديق ڪئي ته سومر تي پارلياماني ڪميٽي جي هڪ ڊگهي اجلاس ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ بل منظور ڪيو ويو.ترجمان چيو ته هن قدم جي آخري منظوري ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڏيندي ۽ جيڪڏهن بل ڪائونسل طرفان منظور ڪيو ويندو ته ايراني حڪومت IAEA سان تعاون معطل ڪندي، جنهن جي تحت عالمي ايجنسي کي ضمانت نه ڏني ويندي.ترجمان چيو ته هن منصوبي تحت، ايران پنهنجي ايٽمي هنڌن تي ڪئميرا نصب نه ڪري سگهي ٿو ۽ بين الاقوامي انسپيڪٽرن کي انهن جو معائنو ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي سگهي ٿو، جنهن ۾ انهن کي رپورٽون جمع ڪرائڻ شامل آهي، ۽ اهو ٿي سگهي ٿو جيستائين اسان جي ايٽمي سهولتن جي سيڪيورٽي جي ضمانت نه ڏني وڃي.










