اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان تصديق ڪئي آهي ته تهران، پاڪستان طرفان پيش ڪيل امن ڳالهين ۾ آمريڪا سان گڏ اسلام آباد ۾ شرڪت ڪندو ته جيئن تڪرار جو پرامن حل حتمي بڻائي سگهجي. وزيراعظم هائوس اربع تي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته هي تصديق اڄ منجهند وزيراعظم شهباز شريف سان 45 منٽن کان وڌيڪ جاري رهندڙ فون ڪال دوران ٿي.
آمريڪا اڃا تائين ڳالهين ۾ شرڪت جي تصديق ناهي ڪئي، جنهن جي دعوت وزيراعظم شهباز 10 اپريل (جمعو) لاءِ ڏني آهي۔ آمريڪي ترجمان چيو ته “ڪابه ڳالهه تيستائين حتمي ناهي جيستائين صدر يا وائيٽ هائوس اعلان نه ڪن”۔
وزيراعظم جي بيان موجب، پزشڪيان “تصديق ڪئي ته ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو”۔
بيان موجبوزيراعظم هن ڳالهه ٻولهه کي “گرم جوش ۽ خوشگوار” قرار ڏيندي چيو ته وزيراعظم ايران جي قيادت جي دانائي ۽ فهم جي ساراهه ڪئي، جنهن جنگبندي قبول ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي آڇ قبول ڪئي۔
وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنائي کي به سلام پيش ڪيو۔
بيان موجب، صدر پزشڪيان وزيراعظم شهباز جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيو، جنهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ عارضي جنگبندي ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔
“ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو،” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو۔ بيان موجب وزيراعظم چيو ته “پاڪستان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي دوستن ۽ ڀائيوارن سان ويجهو ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.”
هي ڳالهه ٻولهه ان اعلان کانپوءِ ٿي آهي جنهن ۾ پاڪستان ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا، پنهنجن اتحادين سميت، فوري جنگبندي تي راضي ٿي ويا آهن، جنهن ۾ لبنان به شامل آهي۔
وزيراعظم شهباز ٻنهي ڌرين جي وفدن کي 10 اپريل تي اسلام آباد اچڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن “سڀني تڪرارن جي حتمي حل لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ٿي سگهن”۔
آمريڪي صدرڊونلڊ ٽرمپ، پاڪستان جي درخواست تي ٻن هفتن جي مهلت وڌائڻ جواعلان ڪيو ته جيڪڏهن تهران هرموز لنگهه کي مڪمل طور کوليندو ته هو ٻن هفتن لاءِ ايران تي بمباري روڪي ڇڏيندو۔
ان جي جواب ۾، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل طرفان بيان جاري ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ خلاف حملا روڪيا ويا ته ايران پنهنجون دفاعي ڪارروايون بند ڪندو۔
هن وڌيڪ چيو ته “ٻن هفتن لاءِ، ايران جي هٿياربند فوج سان هم آهنگي ۽ فني حدن کي نظر ۾ رکندي، آبنائي هرمز ذريعي محفوظ آمدرفت ممڪن هوندي”۔
وزيراعظم شهباز طرفان دوست ملڪن جو شڪريو
بعد ۾، وزيراعظم شهباز چيو ته اسلام آباد ڳالهين ڏانهن اڳتي وڌندي، هو “پنهنجن ڀائرن جهڙن ملڪن” چين،سعودي عرب، ترڪيه ۽ قطر جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃي ٿو، جن جنگبندي ۽ سفارتي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اهم مدد ڪئي۔
هن ايڪس تي لکيو ته گلف ڪوآپريشن ڪائونسل جا ملڪ به خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔
صدر زرداري جو ردعمل
ان دوران، صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کي ڀليڪار ڪندي ان کي “وقتائتو قدم” قرار ڏنو، جيڪو ڳالهين ۽ برداشت لاءِ موقعو فراهم ڪري ٿو۔ هن چيو ته پاڪستان هميشه نيڪ نيتي سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي، “جڏهن دنيا هڪ وڏي تباهي جي ويجهو هئي”۔
صدر زرداري چيو ته امن علائقائي سلامتي، معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ضروري آهي۔ هن ايران ۽ آمريڪا جي قيادت جي به ساراهه ڪئي، جن تباهي بدران ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو۔
هن واشنگٽن، تهران، اسلام آباد ۽ خليجي ملڪن، خاص طورسعودي عرب جي ڪوششن کي به ساراهيو، جيڪي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون۔
صدر وزيراعظم شهباز، فوجي قيادت ۽ عاصم منير سميت ٻين اڳواڻن جي سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو، جن امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔
آخر ۾، صدر چيو ته جنگبندي خطي لاءِ هڪ اهم موقعو آهي ته هو ساهه کڻي، بحال ٿئي ۽ وڏي جنگ جي خطري کان پري رهي، ۽ زور ڏنو ته هن کي مسلسل ڳالهين ۽ اعتماد جي بحالي ذريعي مضبوط ڪيو وڃي۔










