دوحا)ويب ڊيسڪ) قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان چيو آهي ته اسان ايران جي حملي تي حيران ٿي ويا آهيون ۽ اهي حملا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي متاثر ڪندا.دوحا ۾ لبناني وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي، قطري وزيراعظم چيو ته قطر جي رياست تي حملو ناقابل قبول ۽ سفارتي آداب جي خلاف ورزي آهي. اسان ايران جي حملي تي حيران ٿياسين. ڪالهه جيڪو ٿيو اهو قطري عوام لاءِ هڪ ڌڪ هو. اسان هن حملي جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ايران جي حملي سان قطر ۽ ايران جي لاڳاپن تي اثر پوندو، پر کيس اميد آهي ته پاڙيسري لاڳاپن کي نقصان نه پهچندو. قطري وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو ايراني حملي خلاف دفاع ۾ قطري فوج جي ڪردار جي تعريف ڪري ٿو. اسان جون فوجون قطر جي خودمختياري جي حفاظت ڪري سگهن ٿيون. قطري هوائي دفاع ڪاميابي سان ايراني حملي کي ناڪام بڻايو. محمد بن عبدالرحمان چيو ته قطر خطي ۾ وڌندڙ تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ايران-اسرائيل جنگ بندي جو معاهدو ٿيو، هن خليج تعاون ڪائونسل جي دوست رياستن جو شڪريو ادا ڪيو، ۽ لبنان جي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي خواهش جي حمايت ڪئي. هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي لبناني وزيراعظم نواف سلام چيو ته جڏهن ته اسان حملي تي قطر سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اسرائيلي حملا ايران جي خودمختياري جي خلاف ورزي هئا. ايران جي خودمختياري کي ڪنهن به طرح سان نقصان نه پهچڻ گهرجي.










