ايران ۾ زلزلي سبب 2 ڄڻا فوت، 500 کان وڌيڪ زخمي

ايران ۾ زلزلي سبب 2 ڄڻا فوت، 500 کان وڌيڪ زخمي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي اتر اولهه واري علائقي ۾ ترڪي جي سرحد ويجهو زلزلي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي جي سرحد ويجهو ايران جي اتر اولهه واري علائقي ۾ زلزلي جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي. 70 ڳوٺن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ايراني ميڊيا موجب زلزلي جو مرڪز ايران جي شهر خوئي جي ويجهو هو، ايمرجنسي اختيارين موجب زلزلي کان متاثر ڪجهه علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل آهي.ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو