ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان کي دعوت

ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان کي دعوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس (ايف او) اڱاري ڏينهن تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان کي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ تڪرار گهٽائڻ آهي.
ايف او جي ترجمان طاهر اندرابي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو: “پاڪستان کي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ايندڙ ڳالهين لاءِ دعوت ملي آهي.”
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته “پاڪستان جي شرڪت کي تڪرار گهٽائڻ لاءِ انتهائي اهم سمجهيو پيو وڃي، ڇو ته اسلام آباد خاموشي سان انهن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو رهيو آهي.”
سفارتي ذريعن موجب امڪان آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
هڪ عرب عملدار اي ايف پي کي معاملي جي حساسيت سبب نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هي ملاقات جمعي ڏينهن ترڪي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
آمريڪي ميڊيا اداري ايڪسيئس ٻه نالا ظاهر نه ڪندڙ ذريعا ۽ هڪ آمريڪي عملدار جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي استنبول ۾ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف سان ايٽمي مسئلي تي ممڪنه معاهدي بابت ملاقات ڪرڻ وارا آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو