عراقچي پاران پاڪستان جو شڪريو، ڪراچي آئل ٽئنڪر هرمز لنگهه مان گذري ويو

عراقچي پاران پاڪستان جو شڪريو، ڪراچي آئل ٽئنڪر هرمز لنگهه مان گذري ويو

واشنگٽن/ تهران(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري آهن، تهران، حمدان، تبريز، شيراز، اصفهان ۽ مرڪزي صوبي تي گذريل رات بمباري ڪئي وئي آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ نيٽو ۽ ٻين اتحادين تي زور ڀريو آهي ته هو هرمز لنگهه کولڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٻئي صورت ۾ کين ڀوڳڻو پوندو. فرانس، جرمني، جاپان، آسٽريليا ۽ برطانيا پاران جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. چين خاموش آهي. جنهن بعد صدر ٽرمپ چين جو 31 مارچ کان 2 اپريل تائين وارو دورو ملتوي ڪرڻ ۽ نيٽو جو مستقبل خراب ٿين بابت ڌمڪي ڏني آهي. ٽرمپ اهو به چيو آهي ته واشنگٽن ايران سان ڳالهائڻ چاهي ٿو پر ايران ڳالهين لاءِ تيار ئي ناهي. دبئي ايئر پورٽ جي فيول ٽئنڪ تي ڊرون حملي بعد امارات ايئر لائين عارضي طور اڏامون معطل ڪندي فلائيٽ شيڊول محدود ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

عراقچي پاران پاڪستان جو شڪريو ادا، ڪراچي آئل ٽئنڪر هرمز لنگهه مان گذري ويو

هڪ غير ايراني تيل بردار جهاز وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب اهم سامونڊي رستي ۾ پيدا ٿيل وڏي خلل باوجود هرمز لنگهه مان پنهنجي خودڪار ٽرانسپونڊر نظام (AIS) کي چالو رکندي گذري ويو آهي، اها خبر اي ايف پي سامونڊي ٽرفڪ مانيٽر ڪندڙ اداري جي حوالي سان ڏني آهي. ميريَن ٽريفڪ بيان ۾ چيو ته ڪراچي نالي هڪ ننڍو ٽئنڪر  جيڪو ابو ظهبي جي داس ٻيٽ جو خام تيل کڻي رهيو هو، اهو پهريون غير ايراني ڪارگو جهاز بڻجي ويو آهي جيڪو هن تنگ سامونڊي لنگهه مان پنهنجو AIS سگنل نشر ڪندي گذريو آهي۔ ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه چونڊ مال بردار جهازن کي ڳالهين ذريعي محفوظ گذرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي۔

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن دوران حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو آهي۔ سماجي رابطي واري پليٽفارم X (Twitter) تي اردو ٻولي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته: “انهن برڪت ڀرين، الاهي ۽ روحاني ڏينهن ۽ گهڙين ۾ مان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن آمريڪا ۽ صهيوني رياست جي جارحيت جي مقابلي ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي يڪجهتي ۽ حمايت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي۔” عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته: “اسلامي جمهوريه ايران الله تعاليٰ تي مڪمل ڀروسو ڪندي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي بچاءَ لاءِ ثابت قدمي ۽ استقامت سان بيٺو آهي۔”

ايران خلاف جنگ ۾ حصو نه وٺبو، هرمز لنگهه کولڻ لاءِ ڪوشش ڪريون پيا

برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ايران خلاف جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين، اسانجي اولين ترجيح خطي ۾ موجود پنهنجي شهرين جي حفاظت يقيني بنائڻ آهي. ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تان پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته هرمز لنگهه کولڻ لاءِ اتحادين سان گڏجي ڪوششُن ڪريون پيا ته ڪو مناسب حل ڪڍجي پر اهو ايترو آسان ڪم به ناهي.

ڀارت لاءِ ايل پي جي وارن ٻن ٽئنڪرن کي هرمز مان گذرڻ جي اجازت

ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر فنانشل ٽائمزکي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته نئين دهلي ۽ تهران وچ ۾ ٿيل ڳالهين کان پوءِ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڀارتي جهنڊي وارن گئس ٽينڪر جهازن کي هرمز جي لنگهه مان گذرڻ جي اجازت ڏني وئي۔ هن چيو ته ايراني اختيارين سان ڳالهه ٻولهه جا ڪجهه مثبت نتيجا نڪتا آهن۔ واضح رهي ته ڀارت گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻياٺي پيٽروليم گئس (ايل پي جي) جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو درآمد ڪري ٿو، جنهن مان تقريباً 90 سيڪڙو فراهمي خليجي ملڪن مان ٿئي ٿي، جن ۾ يو اي اي ۽ سعودي عرب شامل آهن۔ ڀارت ۾ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ گهراڻا کاڌو پچائڻ لاءِ ايل پي جي سلنڊر استعمال ڪن ٿا۔ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ ڪيترن ئي ڀارتي شهرن ۾ گئس ڊيلرن جي دڪانن ٻاهران ڊگهيون قطارون نظر اچي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته فراهمي ۾ خلل جا خدشا وڌي ويا آهن۔ کوٽ سبب ڪجهه ريسٽورنٽ به عارضي طور بند ٿي ويا آهن۔

تيل جا ذخيرا جاري ٿيڻ باوجود به قيمتن ۾ گهٽتائي نه آئي

تيل جي ذخيرن جي تاريخي وڏي مقدار ۾جاري ڪرڻ باوجود به تيل جي قيمتن ۾ گهڻي گهٽتائي نه آئي آهي، پرايشيا ۾ واپار جي منجهند واري سيشن ۾ داخل ٿيڻ سان قيمتون آهستي آهستي وڌي رهيون آهن. آمريڪا ۾ واپار ٿيندڙ خام تيل جي قيمت 98.97 ڊالر في بيرل آهي، جڏهن ته برينٽ خام تيل 104.33 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻنهي جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو واڌ ٿي آهي. گذريل خميس تي به قيمتون وڌي ويون هيون، جڏهن بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي ميمبر ملڪن تاريخي مقدار ۾ تيل جا ذخيرا جاري ڪرڻ جي منصوبي تي اتفاق ڪيو. سنگاپور انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي مارٽن ما موجب هي قدم رڳو “عارضي” حل آهي، ۽ جيڪڏهن ڇڪتاڻ جاري رهي ته مارڪيٽن تي ان جو اثر “محدود” رهندو. هن چيو ته مارڪيٽن اڳ ئي اهو خطرو ذهن ۾ رکيو آهي ته جنگ ڊگهي عرصي تائين جاري رهي سگهي ٿي، جنهن سبب وچ اوڀر مان تيل جي پيداوار ۽ ترسيل متاثر ٿي سگهي ٿي. علائقي ۾ حملا جاري آهن، جڏهن ته آمريڪا جي توانائي واري سيڪريٽري ڪرس رائيٽ به اشارو ڏنو آهي ته جنگ شايد اڃا ڪجهه هفتا وڌيڪ جاري رهي. ٻئي پاسي ايران اهم آبنائي رستي هرمز جي آبنائي مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جهازن خلاف پنهنجون ڌمڪيون برقرار رکڻ بعد خليج مان سامان کڻندڙ جهازن جي ترسيل تقريباً بيهجي وئي آهي.

آمريڪا جا چابهار ۾ پاڪستاني سرحد ويجهو حملا

رپورٽن موجب آمريڪي جنگي جهازن ايران جي چابهار آزاد واپاري علائقي ويجهو هڪ جبل تي موجود فوجي سهولتن تي حملا ڪيا آهن. اها خبر وائس آف امريڪا جي فارسي ٻولي واري سروس ڏني آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته علائقي ۾، زون جي پٺئين حصي کان زور دار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. چابهار آزاد واپاري علائقو ايران جي ڏکڻ اوڀر صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ پاڪستان جي سرحد ويجهو واقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو