ايران پاران لبنان ۾ جنگ بند نه ٿيڻ تائين وفد نه موڪلڻ جو اعلان

ايران پاران لبنان ۾ جنگ بند نه ٿيڻ تائين وفد نه موڪلڻ جو اعلان

تهران (ويب ڊيسڪ ) هڪ ايراني نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني اختيارين پاڪستان کي پيغام پهچايو آهي ته جيستائين لبنان ۾ جنگ بند نه ٿيندي اوستائين وفد نه موڪلينداسين

ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ لبنان ۾ جنگ بند ۽ روڪيل اثاثا جاري ٿيڻ گهرجن، قاليباف

ايراني ٽيم جي سربراهه محمد باقر قاليباف چيو آهي ته لبنان ۾ جنگبندي ۽ ايران جا روڪيل اثاثا آزاد ڪرڻ لازمي آهي، “ان کان اڳ جو ڳالهيون شروع ٿيڻ”. هن چيو ته اهي ٻئي قدم ڌرين وچ ۾ طئي ٿيا هئا، پر “اڃا تائين انهن تي عمل نه ٿيو آهي”. هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا جو نائب صدر جي ڊي وينس پاڪستان لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. جتي هو ايران سان ڳالهين لاءِ آمريڪي وفد جي اڳواڻي ڪندو۔ هن هفتي جي شروعات ۾ جنگبندي ٿيڻ کان پوءِ به اهو سوال تڪرار جو سبب بڻيل آهي ته ڇا لبنان ان ۾ شامل هو يا نه۔

صدر ٽرمپ معاهدي لاءِ پراميد

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو آهي ته هو ايران سان امن معاهدي بابت تمام گهڻو پراميد آهي، ايراني اڳواڻ تمام معقول آهن، پر جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته اهو تمام ڏکوئيندڙ هوندو.آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل لبنان تي حملا گهٽائي رهيو آهي، نتنياهو گذريل ڏينهن فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ لبنان تي حملن ۾ گهٽتائي تي راضي ٿيو آهي.

لبنان تي حملا جاري، 1400 حزب الله جا ميمبر ماريا آهن، فوج

لبنان ۾ اسرائيل جا حملا جاري آهن. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن گذريل مهيني جي شروعات ۾ لبنان تي حملن ۾ واڌ ڪرڻ کان پوءِ هينئر تائين حزب الله جا ڪل 4,300 هنڌ تباهه ڪري ڇڏيا آهن ۽ گروهه جا 1,400 ميمبر “ختم” ڪري ڇڏيا آهن۔ پنهنجي تازي جنگي اپڊيٽ ۾، اسرائيلي فوج چيو آهي ته سندس پنج فوجي ڊويزنون هڪ ئي وقت ڏکڻ لبنان ۾ “نشاني بڻايل ڪارروايون” ڪري رهيون آهن، جيڪي سندس حملي جو حصو آهن۔ ٻئي پاسي لبنان جي صحت واري وزارت موجب، 2 مارچ کان اسرائيلي حملن ۾ واڌ ٿيڻ کان پوءِ لبنان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1,888 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن ۾ 163 ٻار به شامل آهن۔

ٽرمپ ۽ اسٽارمر جو رابطو، هرمز کي کولڻ لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ تي بحث

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن ۾ انهن آبنائے هرمز ۾ سامونڊي ٽرئفڪ بحال ڪرڻ تي بحث ڪيو آهي.برطانوي وزيراعظم جي آفيس (ڊائوننگ اسٽريٽ) موجب، ٻنهي اڳواڻن زور ڏنو ته آبنائے هرمز ذريعي جهازن جي بي رڪاوٽ حرڪت لاءِ هڪ ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي.برطانوي وزيراعظم هن وقت خليجي ملڪن جي دوري تي آهي، جتي هو قطر، سعودي عرب، بحرين ۽ گڏيل عرب امارات جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري رهيو آهي.ان کان اڳ، برطانوي وزيراعظم چيو هو ته آبنائے هرمز مان گذرندڙ جهازن لاءِ ڪو به ٽول يا فيس قابل قبول نه هوندو.

يورپي يونين لبنان تي حملن کي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿي، جنگ بندي جي معاهدي جي احترام تي زور

يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه، ڪجا ڪلاس، لبنان ۾ حملن کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سڀني ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي آمريڪا-ايران جنگ بندي جي معاهدي جو مڪمل احترام ڪن.يورپي يونين جي اعليٰ سفارتڪار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته علائقي ۾ تڪرار فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي، سڀئي فوجي آپريشن بند ڪيا وڃن ۽ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي ٽرئفڪ کي بين الاقوامي قانون جي مطابق يقيني بڻايو وڃي.هن زور ڏنو ته جهازن جي محفوظ ۽ بي رڪاوٽ حرڪت نه رڳو علائقي لاءِ پر عالمي واپار لاءِ پڻ انتهائي اهم آهي.ڪجا ڪلاس هن وقت خليجي ملڪن جي دوري تي آهي ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري رهي آهي، جن ۾ گڏيل عرب امارات به شامل آهن، جتي علائقائي صورتحال ۽ جنگ بندي جي عمل درآمد تي بحث جاري آهي.ياد رکڻ گهرجي ته يورپي يونين سميت عالمي اڳواڻن لبنان ۾ جاري حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏئي رهيا آهن ته جنگ بندي کي پوري علائقي تائين وڌايو وڃي ته جيئن تڪرار گهٽجي سگهي.

ايران کي آبنائے هرمز مان گذرندڙ جهازن کان فيس وصول ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي: ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبنائے هرمز مان گذرندڙ تيل ٽينڪرن کان فيس وصول ڪرڻ جون رپورٽون آهن. هن ايران کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهو ٿي رهيو آهي ته ان کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي.

جنگ بندي کان پوءِ ايران خليجي ملڪن تي ڪو به حملو نه ڪيو ، يو اي اي

خميس کان وٺي ايران خليجي ملڪن ڏانهن ڪو به ميزائل يا ڊرون نه فائر ڪيو آهي ۽ آمريڪا يا اسرائيل طرفان ايران ۾ ڪو به حملو نه ٿيو آهي، يو اي اي جي وزارت دفاع پڻ تصديق ڪئي آهي.يو اي اي جي وزارت دفاع موجب، 9 اپريل تي ڪو به ميزائل، ڪروز ميزائل يا ڊرون نه ڏٺو ويو، ۽ يو اي اي جي هوائي حدون مڪمل طور تي محفوظ هيون.وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه جنگ بندي جي ڀڃڪڙين تي ڌرين کي جنگ بندي جو احترام ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سفارتڪاري تڪرار جي پرامن حل ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي.وزيراعظم شهباز شريف امن جي ڪوششن جي حمايت لاءِ برطانوي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جون مخلصانه ڪوششون جاري رهنديون.

ايراني نائب صدر آمريڪا-ايران عارضي جنگ بندي تي پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف

ايراني نائب صدر محمد رضا عارف آمريڪا-ايران عارضي جنگ بندي تي پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. محمد رضا عارف چيو ته ايران اسلام آباد ۾ ڳالهين ۾ مڪمل اختيار سان فعال طور تي حصو وٺندو.هن چيو ته آمريڪا جي فريب ڏيندڙ طبيعت جي ڪري گہرا شڪ برقرار رهندا، پر ڳالهين جو مقصد سفارتي طور تي پنهنجي فوجي ڪاميابين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ هوندو.

عالمي صحت تنظيم پاران لبنان ۾ اسرائيلي حملن تي ڳڻتي جو اظهار

عالمي صحت تنظيم لبنان ۾ اسرائيلي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جناح علائقي مان نڪرڻ جي حڪم کي ناقابل قبول قرار ڏنو. سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس ادهانوم چيو ته لبنان جي ٻن وڏين اسپتالن مان 450 مريضن کي منتقل ڪرڻ ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته آءِ سي يو ۾ 40 مريضن جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته 5,000 کان وڌيڪ ماڻهو پناهه گاهه ۾ آهن.

لبنان به جنگ بندي معاهدي ۾ شامل آهي: پاڪستاني نمائندو

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي نمائندي تصديق ڪئي آهي ته لبنان به جنگ بندي معاهدي ۾ شامل آهي.عرب ميڊيا موجب، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستاني نمائندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي معاهدي ۾ لبنان ۾ دشمني ختم ڪرڻ جو نقطو پڻ شامل آهي، هن وڌيڪ چيو ته هن کي خبر ناهي ته ڇا لبنان ۾ به تشدد واريون ڪارروايون ختم ٿينديون، هن چيو ته هن کي خبر ناهي ته ان بابت مونجهارو ڇو آهي؟ هي واضح طور تي جنگ بندي معاهدي جو حصو هو.

لبنان جنگ بندي معاهدي جو حصو آهي، ڪنهن به حالت ۾ الڳ نه ٿيندو: ايران

ايران آمريڪا کي واضح پيغام ڏنو آهي ته لبنان جنگ بندي معاهدي جو حصو آهي ۽ ڪنهن به حالت ۾ معاهدي کان الڳ نه ٿيندو.ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف، نالا وٺڻ کان سواءِ، آمريڪا کي خبردار ڪيو ته وقت ختم ٿي رهيو آهي. هن اهو به واضح ڪيو ته ايران جو اتحادي لبنان، جنهن ۾ سڀئي مزاحمتي گروپ شامل آهن، جنگ بندي جو هڪ الڳ حصو آهي ۽ هي 10 نقاطي تجويز جو پهريون نقطو آهي.ڊاڪٽر باقر قاليباف چيو ته پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف عوامي طور تي ۽ واضح طور تي لبنان جي مسئلي تي زور ڏنو آهي، هن مسئلي کان انڪار يا پوئتي هٽڻ جي ڪا به گنجائش ناهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو ته جنگ بندي جي خلاف ورزين جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ ان جو سخت جواب ڏنو ويندو. باقر قاليباف چيو ته باهه کي فوري طور تي وسائڻ گهرجي

اسرائيلي دفاع واري وزير پاران لبنان سان جنگ نه روڪڻ جو اعلان

اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪيٽز اعلان ڪيو آهي ته لبنان سان جنگ بند نه ٿيندي. اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪيٽز، وزيراعظم نيتن ياهو پاران لبنان سان سڌي طرح ڳالهين جي هدايت ڪرڻ کان پوءِ اسرائيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جنگ بند نه ٿيندي.

اسرائيل سان سڌيون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن: لبناني صدر

لبناني صدر جوزف عون چيو ته اسرائيل سان سڌيون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ۽ هاڻي تائين مثبت جواب مليو آهي. جوزف عون موجوده صورتحال جو واحد حل اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ جنگ بندي کي قرار ڏنو.ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم نتنياهو بابت خبرون سامهون آيون هيون ته هن پنهنجي حڪومت کي بيروت جي درخواست تي لبنان سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نتنياهو جي مطابق، انهن ڳالهين جو مرڪز حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ ۽ اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي.

ايراني نار مان گذرندڙ جهازن تي ڪنهن به قسم جي پابندي يا ٽيڪس برداشت نه ڪنداسين: برطانوي وزيراعظم

برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ايراني نار مان گذرندڙ جهازن تي ڪنهن به قسم جي پابندي يا ٽيڪس برداشت نه ڪنداسين.نار وارن ملڪن جي دوري جي پڄاڻي تي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ان پوري دوري دوران سڀ کان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه آبناءِ هرمز مان جهازن جي محفوظ گذرگاهه لاءِ عملي منصوبي تي کتل رهي.واضح رهي ته هي اهم آبي لنگهه دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل ۽ گيس جي فراهمي جو مرڪز آهي، پر ايران تي مڙهيل آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ کانپوءِ هتان گذرندڙ جهازن جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته هي تڪرار اسان جي ايندڙ نسل کي متعين ڪندو ۽ اسان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو ۽ اسان مضبوطيءَ سان جواب ڏينداسين.“سندس چوڻ هو ته هن نار ملڪن جي اڳواڻن سان گڏيل دفاع واري موضوع تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

لبنان تي اسرائيلي بمباري جنگبندي ڪوششن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيندي: ايراني صدر

ايراني صدر شهيد آيت الله علي خامنه اي جي چاليهي واري جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ عوام سان خطاب ڪندي چيو ته لبنان تي حملا جنگبندي ڳالهين کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيندا، ايران لبناني عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندو.هن وڌيڪ چيو ته لبنان ۾ اسرائيلي حملا جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن، هي ڌوکو ۽ ممڪن معاهدن سان وابستگي جي کوٽ جي خطرناڪ نشاني آهي.

آمريڪي جهازن لاءِ به آبناءِ هرمز کليل آهي: ايران

ايراني نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي سامونڊي جهاز به آبناءِ هرمز مان گذري سگهن ٿا جيڪڏهن اهي دشمني وارو رويو اختيار نه ڪن.سعيد خطيب زاده چيو ته آبناءِ هرمز کليل آهي، ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري ايراني فوج سان رابطو رکڻ ضروري آهي، آبناءِ هرمز مان محفوظ رستن ذريعي سفر کي يقيني بڻايو ويندو.هن چيو ته آبناءِ هرمز جو بين الاقوامي شپنگ چينل ايران ۽ عمان جي علائقائي پاڻيءَ تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن ماضي ۾ نيڪ نيتي تحت جهازن کي محفوظ رستو فراهم ڪيو آهي، ايران چاهي ٿو ته آبناءِ هرمز هڪ پرامن گذرگاهه رهي، رستي کي جنگي جهازن جي غلط استعمال کان بچائڻ لاءِ ايران کي عمان ۽ عالمي برادري سان گڏجي واضح طريقيڪار تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو