ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انسدادِ منشييات فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 7 ڪاررواين دوران جملي طور تي 42.77 ڪلوگرام منشييات هٿ ڪري 5 عورتن سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.اي اين ايف جي ترجمان موجب ڪارروايون لاهور، چارسدا، ملتان، ڪراچي ۽ سيالڪوٽ ۾ ڪيون ويون، انهن ڪاررواين دوران 31 ڪلو 218 گرام آئس ۽ 9 ڪلو 600 گرام چرس هٿ ڪئي وئي. ترجمان ٻڌايو ته هڪ ڪارروائيءَ ۾ 227 گرام وزني هيروئين سان ڀريل 70 ڪيپسول جڏهن ته ٻي ڪارروائيءَ دوران 558 گرام وزني هيروئين سان ڀريل 84 ڪيپسول پڻ قبضي ۾ ورتا ويا. اي اين ايف اختيارين موجب گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف انسدادِ منشييات ائڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










