اوٻاوڙو  ۾ فائرنگ، ڪوش برادري جي عورت مارجي وئي

اوٻاوڙو ۾ فائرنگ، ڪوش برادري جي عورت مارجي وئي

اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو ۾ ماڇڪي ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ۾ڪوش برادري جي عورت مارجي وئي،ڪوش برادري الزام هنيو آهي ته سيلرا برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري عورت کي قتل ڪيو آهي،هوڏانهن سيلرا برداري پاڻ مٿان لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا.ڪوش برداري عورت کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري الزام اسان تي مڙهيو آهي،ماڇڪو پوليس مارجي ويل عورت جو لاش پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، لاش صادق آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،پوليس موجب مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته عورت تڪرار تي قتل ٿي آهي يا ڪو ٻيو مامرو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو