اوٻاوڙو ۾ بدامني برقرار، ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل

اوٻاوڙو ۾ بدامني برقرار، ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل

اوٻاوڙو:(ن س) اوٻاوڙو ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڦرون، چوريون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل، ڳوٺاڻا چورين جي آزار سبب سڄي رات جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي.اوٻاوڙو ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڪراس بند وٽان ڌاڙيلن جي روڊ مٿان مسافرن کان ڦر لٽ، ڦرلٽ کان روڪڻ تي مقامي ڳوٺاڻو ڌاڙيلن ھٿان قتلٿي ويو.ڌاڙيلن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي جي سڃاڻپ اوٻاوڙو واسي نوجوان منظور احمد مزاري جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب ڌاڙيلن نوجوان کي ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب ڌاڙيل فائرنگ ڪندي درياء طرف فرار ٿي ويا آهن، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو