اورنگي ٽائون ۾ سياسي جماعت جو عهديدار قتل

اورنگي ٽائون ۾ سياسي جماعت جو عهديدار قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون 10 نمبر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سياسي جماعت جو عهديدار فيصل عباسي جائون بحق ٿي ويو. پوليس موجب هي واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، فائرنگ جي ڪري ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.واقعي کان پوءِ اشتعال ۾ آيل ماڻهن احتجاج ڪندي روڊ تي باهه ڏئي ڇڏي. پيپلز پارٽي جي ايم پي اي علي احمد جان چيو آهي ته مقتول منشيات فروشن ۽ لينڊ گريبرز (قبضا مافيا) خلاف آواز اٿارڻ ۾ اڳڀرو هوندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو