اهم ٽي ٽي پي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا

اهم ٽي ٽي پي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فوجي ترجمان جاري ڪيل بيان م ٻڌايو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي هڪ ڪمانڊر، جيڪو هاءِ ويليو ٽارگيٽ هو، ان سميت 4 دهشتگردن کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو آهي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي بيان موجب هي دهشتگرد باجوڙ ۾ سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته سيڪورٽي فورسز وڏي مهارت سان مقابلي بعد کين ماري ڇڏيو. “اسان جي فوجي جوانن فوري ڪارروائي ڪندي خوارجن جي پاڪستان ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. خوارجي اڳواڻ ۽ هاءِ ويليو ٽارگيٽ امجد عرف مزاحم شامل هو، دوزخ واصل ٿي ويا،” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي دهشتگرد اڳواڻ ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محسود جو نائب ۽ ڀارتي پراڪسي تنظيم “فتنهُ الخوارج” جي رهبري شورا جو سربراهه هو. “فتنهُ الخوارج” جو اصطلاح رياست طرفان ٽي ٽي پي سان لاڳاپيل دهشتگردن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، اهو دهشتگرد اڳواڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هو ۽ حڪومت ان جي گرفتاري تي پنج ملين رپين جو انعام رکيو هو، ڇو⁠ته هو افغانستان ۾ رهندي پاڪستان اندر ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ سرگرم رهيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ‘فتنهُ الخوارج’ جي قيادت افغانستان ۾ رهندي پاڪستان ۾ گهڙڻ جي ڪوششن کي منظم ڪري رهي آهي. خاص طور تي اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ته انهن جي ملڪ اندر موجودگي آهي ۽ باجوڙ ۽ مهمند ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشنن سبب خوارجن جو گهٽيل حوصلو ٻيهر وڌائي سگهجي.” آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو: “هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه واضح ڪئي وڃي ٿي ته عبوري افغان حڪومت کي گهرجي ته هو واضع ۽ نتيجه خيز قدم کڻي، جيئن افغان سرزمين کي خوارجي گروپن پاران پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو وڃي.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “هي واقعو اسان جي انهيءَ موقف جي به تصديق ڪري ٿو ته افغان سرزمين مسلسل ‘فتنهُ الخوارج’ سان لاڳاپيل خوارجن لاءِ پاڪستان خلاف محفوظ پناهه گاهه طور استعمال ٿي رهي آهي.” هي پيش رفت ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ترڪي ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ استنبول ۾ ڳالهين جو ٽيون دور جاري آهي، جنهن جو مرڪزي موضوع ٽي ٽي پي آهي. گذريل ڪجهه هفتن دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ تيزي سان تڪرار وڌيو آهي، سرحدي جهيڙا، الزامات ۽ جوابي بيان بازيون جاري آهن. فائر بندي کان پوءِ ترڪي ۾ شروع ٿيل ڳالهين جو مقصد افغان طالبان جي انهن عملن جي نگراني لاءِ هڪ ميڪانيزم طئي ڪرڻ آهي، جيڪي سرحد پار دهشتگرد حملا روڪڻ لاءِ ڪيا وڃن. ايجنڊا ۾ ٽي ٽي پي جي ڄاتل پناهه گاهن کي ختم ڪرڻ، اهم اڳواڻن کي گرفتار يا ملڪ بدر ڪرڻ، ۽ ڇاپن، گرفتاري ۽ محفوظ گهرن جي تباهي جهڙن قدمن لاءِ واضع ٽائيم لائين ۽ معيار مقرر ڪرڻ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو