انٽيليجنس رپورٽن موجب ڊي سي پنجگور کي بي ايل اي شهيد ڪيو

انٽيليجنس رپورٽن موجب ڊي سي پنجگور کي بي ايل اي شهيد ڪيو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته اسان کي انٽيليجنس ڄاڻ آهي ته ڊي سي پنجگور ذاڪر بلوچ کي بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) شهيد ڪيو آهي.بلوچستان جي وڏي وزير هڪ بيان ۾ چيو ته اسڪولن کي ڌماڪي سان اڏائيندڙن سان ڪا به همدردي ناهي. ڊي سي پنجگور ذاڪر بلوچ کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، اسان وٽ انٽيليجنس اطلاع آهي ته اهو واقعو بي ايل اي ڪيو آهي.سرفراز بگٽي چيو ته بي ايل اي بلوچ نسل ڪشي ڪري رهي آهي، شبير بلوچ کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، اهو سڀ ڪجهه رياست خلاف هڪ منظم سازش تحت ٿي رهيو آهي، هوشاپ شهيد ڪاليج کي ذاڪر بلوچ سان منسوب ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو