اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ايڊووڪيٽ خالد جاويد کي نئون اٽارني جنرل مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾ قانون واري وزارت نوٽفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نئين اٽارني جنرل جي مقرري سبب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف 10 رڪني بينچ ڪيس جي سماعت ڪو نه ڪئي. ڪالهه سندس مقرري جو فيصلو ٿيو هو ۽ قانون واري وفاقي وزارت کي سمري موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. سندس مقرري جو فيصلو اٽارني جنرل جي عهدي تان انور منصور علي خان پاران استعيفيٰ ڏيڻ بعد ڪيو ويو. هن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيو هو ته 10 رڪني بينچ ۾ ٻه جج اهڙا آهن جيڪي قاضي فائز عيسيٰ کي جواب تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندا رهيا آهن. جنهن تي بينچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته نالا وٺو يا بيان واپس وٺو. ڪجهه ججن سندس بيان کي گستاخانه به قرار ڏنو هو. عدالت کيس چيو هو ته بيان واپس وٺي غير مشروط لکت ۾ معافي وٺي. جنهن بعد اٽارني جنرل لکت ۾ معافي نامون جمع ڪرايو ۽ چيو ته هو عدالت ۽ ججن جو احترام ڪري ٿو. انور منصور خان ڊان ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو هو ته سندس ريمارڪس بابت وفاقي حڪومت کي خبر هئي. جڏهن ته جيو نيوز جي پروگرام ۾ وفاقي قانون واري وزير فروغ نسيم چيو هو ته حڪومت سندس ريمارڪس بابت ڄاڻ ئي نه هئي. جنهن بعد حڪومت کيس مستعفي ٿيڻ لاءِ چيو ۽ ٽاپ لا آفيسر جي نوڪري کيس وڃائڻي پئي. نئون مقرر ٿيندڙ اٽارني جنرل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اين ڊي خان جو پٽ آهي. هو سنڌ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل به رهيو آهي. هن ايل ايل بي لنڊن مان ۽ ايل ايل ايم هاورڊ يونيورسٽي مان ڪئي هئي.










