انساني رت ۾ مائيڪرو پلاسٽڪ ۽ پولسٽرين جو انڪشاف

انساني رت ۾ مائيڪرو پلاسٽڪ ۽ پولسٽرين جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ پهريون ڀيرو، سائنسدانن انساني رت ۾ مائڪرو پلاسٽڪ کي ڳولي ورتو آهي. انٽرنيشنل انوائرمينٽل جرنل ۾شايع ٿيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن اسٽڊي ۾ شامل 80 سيڪڙو انسانن جي رت ۾ مائيڪرو پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرا مليا آهن. اهي ننڍڙا ذرڙا آزاديءَ سان سڄي جسم ۾ منتقل ٿي سگهن ٿا، ۽ رت جي دوري وقت مختلف عضون ۾ ڦاسي پون ٿا. جيڪي اهم صحت جا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا، پر هاڻي ته اسان انهن بابت ڄاڻون ٿا، سائنسدانن رت ۾ موجود انهن ذرڙن جي اثر بابت انهن تي نظر رکي رهيا آهن ته مختصر ۽ ڊگهي مدت لاءِ انهن جا ڪهڙا هاڃيڪار اثر ٿي سگهن ٿا. اها هڪ ناقابل فراموش دريافت آهي، پر اسان سڀ ان ۾ گڏ آهيون جيئن سائنسدان صحت جي امڪاني اثرات کي ڳولڻ لاء ڪوشش ڪن ٿا. ليبارٽري تجربن ۾، مائيڪرو پلاسٽڪ انساني سيلز کي نقصان پهچائين ٿا ۽ اهو مشهور آهي ته هوا جي آلودگي جا ذرات جسم ۾ داخل ٿين ٿا، هر سال لکين موت ان سان ڳنڍيل آهن. وڏي مقدار ۾ پلاسٽڪ ڪچرو عالمي ماحول ۾ پکڙيل آهي، مائيڪرو پلاسٽڪ سان گڏ سڄي دنيا ۾، وڏي ۾ وڏي جبل کان وٺي پئسفڪ سمنڊ جي اونهي کوٽائي تائين مائيڪرو پلاسٽڪ ذرا موجود آهن. کاڌي ۽ پاڻي ۾ ننڍڙا ذرڙا شامل ٿي سگهن ٿا، ۽ ايستائين جو هوا جيڪا اسان ساهه کڻون ٿا، اسان جي جسمن ۾ مائڪروپلاسٽڪ منتقل ٿي سگهن ٿا. ٻارن ۽ بالغن جي رت ۾ پڻ مائيڪرو پلاسٽڪ مادي جا ذرڙا موجود هئا. محققن 22 گمنام، صحتمند ۽ بالغ رضاڪارن کان رت جا نمونا ورتا ۽ 17 ڄڻن جي جسمن ۾ پلاسٽڪ جا ذرا موجود هئا. پِي اِي ٽي پلاسٽڪ اڌ ماڻهن جي رت ۾ ڏٺا ويا جيڪي عام طور تي پيئڻ جي پاڻي وارين بوتلن ۾ هوندا آهن. شرڪت ڪندڙن جي جسمن ۾ پولسٽريين به مليا آهن جيڪي کاڌو ۽ ٻيو مواد پيڪ ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي. مڪمل رپورٽ پڙهو.

پهنجو تبصرو موڪليو