نواب شاهه (اي ڪي ڏاھري) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي نوابشاهه جي ڪيميڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل طرفان رجسٽريشن وٺڻ ۾ يونيورسٽي انتظاميه 6 سال گذرڻ کان پوءِ به ڪنفرم نه ڪرائڻ خلاف ياسر ڀنگوار، جميل رڪشاڻي، عامر ڀٽي، محسن، اظهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگردن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 6 سال گذري ويا آهن ڊپارٽمينٽ کي انجنيئرنگ ڪائونسل ۾ رجسٽريشن نه ڪرائي وئي آهي هن وقت تائين جيڪي ٽي مکيه اعتراض واريا هئا انهن مان صرف هڪ پورو ٿيو آهي ٻه اڃا تائين پورا نه ٿيا آهن ڪيميڪل چيئرمين ڪيميڪل ڪورما هجڻ لازمي آهي چار ليب انجنيئر مقرر ڪيا وڃن هن وقت تائين مڪمل نه ڪيا ويا آهن.

هنن چيو ته ٻه بيچون پاس آئوٽ ڪري ويون آهن پر اهي اڄ به نوڪري ۽ اسڪالر شپ لاءِ سخت پريشان آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل مان رجسٽريشن فوري طور تي ورتي وڃي انهي موقعي تي احتجاجي شاگردن کي مطمئن ڪندڙ ڪيميڪل ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر لياقت ميمڻ ٻڌايو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جون گهرجون اسان پوريون ڪري ڇڏيون آهن ٻن هفتن ۾ اچي ويندا ۽ تمام جلد هنن کي رجسٽريشن ملي ويندي.










