انجري سنجيده ناهي، هو احتياطي طور تي بيٽنگ تي نه آيو: شاداب خان

انجري سنجيده ناهي، هو احتياطي طور تي بيٽنگ تي نه آيو: شاداب خان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان جو چوڻ آهي ته منهنجي زخم سنجيده ناهي، احتياطي طور تي بيٽنگ ڪرڻ نه آيو آهيان.پاڪستان انگلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته انگلينڊ مثبت ۽ اٽيڪنگ ڪرڪيٽ کيڏي جنهن جو کين فائدو ٿيو.شاداب خان چيو ته پاڪستاني ٽيم اٽيڪنگ ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ پوئتي آهي، اهڙا رانديگر ڊوميسٽڪ مان به نه پيا اچن.هن چيو ته مڊل آرڊر به توقع موجب نه کيڏي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو