ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انتظامي مسئلن جي ڪري 13 پروازون رد ڪيون ويون جڏهن ته 44 دير سان پهتيون، فلائيٽ شيڊول موجب، قومي ايئر لائن جي جهاز جي خرابي سبب ڪراچي لاءِ 6 پروازون رد ڪيون ويون. ڪراچي کان گوادر، تربت ۽ سکر لاءِ اڏامون هڪ ATR جهاز ۾ فني خرابي سبب رد ڪيون ويون.نيشنل ايئر جون ڪراچي کان دبئي لاءِ 2 پروازون PK 213 ۽ 214 پڻ رد ڪيون ويون، جڏهن ته لاهور کان دبئي ۽ اسلام آباد لاءِ 2 پروازون پڻ رد ڪيون ويون. فلائيٽ شيڊول موجب، نيشنل ايئر جون پشاور کان دبئي ۽ ابوظهبي لاءِ 3 پروازون رد ڪيون ويون، جڏهن ته ڪراچي کان 4 پروازون ۽ اسلام آباد کان 16 پروازون 1 کان 12 ڪلاڪ دير سان پهتيون.اسلام آباد-ڪوالالمپور، نيشنل ايئر جي پرواز PK 894 12 ڪلاڪ دير سان پهتي آهي. پشاور کان شارجه، دبئي، رياض ۽ جده لاءِ 4 پروازون 1 کان 8 ڪلاڪ دير سان پهتيون.فلائيٽ شيڊول موجب، اسلام آباد کان اسڪردو تائين 4 اڏامون 3 کان 5 ڪلاڪ، ڪراچي کان 6 اڏامون ۽ لاهور کان 14 اڏامون 1 کان 6 ڪلاڪ دير سان آهن.جده کان ڪراچي تائين خانگي هوائي اڏام ER 811 10 ڪلاڪ دير سان آهي.










