امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس،اسڪيمن جو جائزو

امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس،اسڪيمن جو جائزو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي کاتي جي وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ اڄ توانائي کاتي سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس اڄ توانائي کاتي سنڌ جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني ۽ توانائي کاتي سنڌ جي مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي، گيس جي فراهمي جي اسڪيمن سان گڏو گڏ وليج اليڪٽريفيڪيشن، سولر توانائي ۽ هوا مان بجلي جي فراهمي جي اسڪيمن ۽ چونڊيل نمائندن پاران پيش ڪيل اسڪيمن جي تفصيل مان جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ توانائي کاتي سنڌ جي سمورن شعبن جي سربراهن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجون پنهنجون اسڪيمن کي وقت تي مڪمل ڪن ته جيئن نيون اسڪيمون شروع ڪري سگهجن. توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ هدايت ڪئي ته آفيسر پنهنجا پنهنجا تجويز ڪيل اسڪيمن لاءِ گهربل فنڊن جي منظوري لاءِ لاڳاپيل فورن سان فوري رابطو ڪن ته جيئن فنڊن کي وقت تي جاري ڪرڻ سان اسڪيمن کي پنهنجي ٽائم لائن جي مطابق شروع ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي جو منهن ڏسڻو نه پوي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو