اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي ايم پي اي ڪاشف چوڌري جي اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي ڪاشف چوڌري کي ڊي نوٽيفائي نه ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست ناهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.










