افغانستان ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ ۾ 17 ماڻهو فوت

افغانستان ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ ۾ 17 ماڻهو فوت

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 15 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب، افغانستان جي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ سياري جي پهرين برسات ٿي آهي.ترجمان موجب، تيز برساتن ۽ برفباري سبب هڪ ڊگهو خشڪ موسم ختم ٿي ويو آهي، پر مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 17 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 11 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.ترجمان چيو ته تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جي مرڪزي، اتر، ڏکڻ ۽ اولهه وارن علائقن ۾ عام زندگي متاثر ٿي آهي.ان کان علاوه، ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڪيترائي جانور پڻ فوت ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو