واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن لوٽ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان ايندڙ سڀني مهاجرن جو ٻيهر جائزو وٺي رهيو آهي.وائيٽ هائوس جي ترجمان واضح ڪيو ته جيڪو به قومي سلامتي لاءِ خطرو پيدا ڪندو ان کي ملڪ مان نيڪالي ڏني ويندي.ترجمان ڪيرولائن لوٽ چيو ته پناهگيرن جا سڀئي فيصلا ۽ خاص مهاجر ويزا جاري ڪرڻ بند ڪيا ويا آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن جي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ، صدر جو وڏي پئماني تي ملڪ بدر ڪرڻ جو منصوبو اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي.صدر ٽرمپ جي صحت بابت ڳالهائيندي، وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته آمريڪي صدر جي مجموعي صحت بهترين آهي، صدر ٽرمپ جو ايم آر آءِ احتياط جي طور تي ڪيو ويو، سندس دل ٺيڪ آهي ۽ سٺي حالت ۾ آهي.










