اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي ۾ وزيراعظم پاران اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو عمل شروع ٿي ويو، اسپيڪر پنج منٽ گهنٽيون وڄايون جنهن بعد دروازا بند ڪري ووٽنگ شروع ڪئي وئي. اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم پاران اڄوڪي اجاس جي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.3 مارچ تي سينيٽ جي چونڊ ۾ اپوزيشن جي يوسف رصا گيلاني حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ کي شڪست بعد جڏهن اپوزيشن اهو چوڻ شروع ڪيو ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي ۽ استعيفيٰ ڏي، جنهن بعد وزيراعظم عمران خان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هو اپوزيشن جي مطالبي جو سياسي انداز ۾ جواب ڏئي سگهي. قومي اسمبلي ۾ ڪل 342 سيٽون آهن جن مان هڪ سيٽ خالي آهي ۽ هڪ سيٽ جماعت اسلامي وٽ آهي جن اپوزيشن ۽ حڪومت مان ڪنهن کي ووٽ نه ڏنو باقي 340 مان 180 حڪومت ۽ ان جي اتحادين جو تعداد آهي ۽ اپوزيشن ۽ اتحادين جو انگ 160 آهي.










