اسڪولي شاگردن ۽ استادن پاران جناح هائوس جو دورو

اسڪولي شاگردن ۽ استادن پاران جناح هائوس جو دورو

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن جناح هائوس جو دورو ڪيو.دوري تي آيل شاگردن جناح هائوس کي باهه ڏيڻ جي مذمت ڪئي.شاگردن جو چوڻ هو ته هي گهر قيمتي آهي ڇو ته اهو باباءِ قوم محمد علي جناح سان منسوب آهي.هنن چيو ته اسان پاڪ فوج سان گڏ بيٺا آهيون ۽ شهيدن جي بلند درجات لاءِ دعاگو آهيون.استادن جو چوڻ آهي ته هي تخريبڪاري هڪ منظم سازش تحت ڪئي وئي آهي، شرپسند ۽ سندن ايجنٽ سازشون ڪري فوج ۽ پاڪستان کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.هن چيو ته فوج جو دشمن اصل ۾ پاڪستان جو دشمن آهي، 9 مئي جي قومي سانحي جي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو