پکو (عبدالوحيد ميئو) سنڌ حڪومت جو تعليمي ايمرجنسي جون سموريون دعوائون هوا ۾ اڏري ويون، پکو ۽ پسگردائي جا اسڪول مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آھن اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون نه ھجڻ ڪري تدريسي عمل سخت متاثر ٿيڻ لڳو. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب علائقي جي مختلف يوسيز يوسي خيرپور جوسو، يوسي آبڙي، يوسي گھٽھڙ، يوسي ٻير شريف، يوسي جيوڻ ابڙو، يوسي رانوتي، يوسي غيبي ديرو ۾ ڪيترائي پرائمري توڙي سيڪنڊري اسڪول بنيادي مسئلن جي ور چڙھيل آھن جيڪي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي لاءِ ھڪ سواليا نشان بڻيل آھن. پکو جي ڪيترن ڳوٺن قلندر بخش مغيري، ڌمڻ مغيري، گھوگھاري، بچو مغيري، پريو مغيري،

نئون ڳوٺ، الھڏنو تونيو، شريف ڀٽو، يار محمد مغيري جي پرائمري اسڪولن جو تعليمي نظام ڊانونڊول بڻيل آھي. ڪيترن ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن جون بلڊنگون مرمت نه ٿيڻ ڪري زبون حال بڻجي ڪرڻ ڪنڌيءّ تي پھتل آھن جڏھن ته بلڊنگ جي ڇتين ۽ ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آھن جيڪي ڪنھن به وقت ڊھي پٽ پئجي سگھن ٿا. ڪيترن اسڪولن جون چوديوارون ۽ مين گيٽون پڻ پٽ پيل آھن جنھن ڪري اسڪولن ۾ رولو جانورن پنھنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن ڪيترن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ سبب اسڪولن ۾ پڙھائي وارو عمل ٺپ بڻيل آھي. ڳوٺن جي اسڪولن ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري روزانو سوين معصوم ٻارڙا بنا استاد ۽ پڙھائي جي ويھي ويھي خالي واپس ورڻ لڳا آھن. ميڊيا جي ٽيم ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ آفيسرن کان اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ جو سبب معلوم ڪيو ويو ته هنن اسڪول بند ٿيڻ جو ذميوار بائيوميٽرڪ وارن کي قرار ڏئي ڇڏيو. هنن چيو ته بائيوميٽرڪ جي ڪري اسڪولن جا ماستر هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ ڏانهن بدلي ٿي ويا آهن جنهن ڪري ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ٿي وئي آھي.

علائقي ۾ هن وقت به ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن جنهن ڪري ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي حڪومت انهن بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. هڪ طرف سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي جون دعوائون ٿي رهيون آهن ته ٻئي پاسي سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ مان مايوس ٿي ماڻھون پنهنجي ٻارڙن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. ان حوالي سان علائقي واسين سڪندر کچي، محرم مغيري، زاھد حسين خشڪ، لياقت ميراڻي، خالد چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پکو ۽ آسپاس جي بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي زبون اسڪولن جون بلڊنگون جوڙايون وڃن عملي کي مقرر ڪري تدريسي عمل کي ھلايو وڃي ۽ اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ کي ختم ڪري عوام مان بيچيني کي ختم ڪئي وڃي.










