اسڪولن مان غير حاضر 13 استاد جبري رٽائر، حڪم جاري

اسڪولن مان غير حاضر 13 استاد جبري رٽائر، حڪم جاري

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)تعليم کاتي جي چيف مانيٽرنگ آفيسر غير حاضر رهندڙ ضلع جي 13استادن کي جبري رٽائر ڪرڻ جو نوٽفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ڊي اِي او پرائمري سانگهڙ ضلع جي مختلف اسڪولن ۾ مسلسل غير حاضر رهندڙ 13 استادن ۽ استادياڻين کي جبري رٽائر ڪرڻ جا ليٽر جاري ڪري ڇڏيا. رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او پرائمري نصير جوڳي چيف مانيٽرنگ آفيسر عاشق جتوئي ڊيلي سنڌ يار کي ٻڌايو ته جن استادن کي جبري رٽائر ڪيوويو آهي انهن استادن جي خلاف ڳوٺاڻن جو شڪايتون هيون ۽ تعليم کاتو ۽ مانيٽرنگ ٽيم جي دورن دوران به اهي استاد سالن کان غير حاضر آهن جبري رٽائر استادن ۾ بهرام خان رابعه سلمه عزيزالرحمن  عابده پروين ساجده نبي بخش غلام شبير صغران محمد اشرف سميت 13 استاد شامل آهن ڊي او نصير جوڳي وڌيڪ چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ لا گهوسٽ استادن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو