اسڪول جي بلڊنگ زبون حال، ڇت مان آسمان نظر اچڻ لڳو

اسڪول جي بلڊنگ زبون حال، ڇت مان آسمان نظر اچڻ لڳو

ڏهرڪي (جھانگيرعالم دايو) ريتي جي مين پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي آهي جنهن سبب ٻارڙن اسڪول اندر 350 کان وڌيڪ ٻارڙن ويهڻ به ڇڏي ڏنو آهي. ٻارڙن جي والدين ۽ سوشل ورڪر تنظيم ريتي واسي جي اڳواڻن علي رضا چاچڙ، غوث جت، اشفاق سومرو، مامون رجب چاچڙ، ڪامريڊ يامين چاچڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين مزدور آھيون اسان پنھنجا ٻار ڪنھن پرائيويٽ اسڪول ۾ نه ٿا پڙھائي سگھون اسڪول ۾ استاد نه ھجڻ سبب اسان جي ٻارن کي تعليم جھڙي زيور کان محرو ڪيو پيو وڃي جيڪو اسان لاءِ وڏو پريشاني جو سبب آھي. هنن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ انتھائي زبون حال ٿي وئي آهي سئو سال پراڻي بلڊنگ جي ڇت مان آسمان نظر اچي ٿو ڪيترائي ڀيرا ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٻار زخمي ٿي پيا آهن ھاڻي ته ٻارن کي اسڪول موڪليندي به خوف ٿئي ٿو ته خدا تعالي رحم ڪري ڪٿي بلڊنگ ٻارن مٿان ڪري نه پوي. ڳوٺاڻن وزيراعلي سنڌ، وزير تعليم، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي، ڊائريڪٽر تعليم،  ڊي اي او تعليم پرائمري گھوٽڪي سميت سڀني وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسڪول بلڊنگ کي رپيئر ڪرائي ٻارن جي تعليم لاءِ بھتر استاد مقرر ڪري ڏنا وڃن ته جيئن اسان غريبن جا ٻار تعليم پرائي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو