اسڪول بند ڪرائڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل

اسڪول بند ڪرائڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل

ڄامشورو (ن س)ماجھند ۾ ايليمينٽري اسڪول بند ڪرائڻ جون ڪوششون، سوين ٻارڙن ۽ استادن کي بااثرن پاران مبينا ڌمڪيون پرنسيپال بينظير راڄڙ عدالت پهچي وئي.
ڄامشورو جي مانجھند تعلقي جي کاسائي واري علائقي ۾ ايليمينٽري اسڪول جي عمارت جي تعمير ۾ مبينا رنڊڪون وجهڻ، ٻارڙن ۽ استادن کي حراسان ڪرڻ ۽ اسڪول بند ڪرائڻ جي ڪوششن خلاف تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ نياڻي بينظير راڄڙ ڄامشورو جي عدالت سان رجوع ڪري سپريم ڪورٽ جي وڪيل آغا ڪاشف حسين جي معرفت ڄامشورو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي
عدالت جي احاطي ۾ ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2016 ۾ خميسو شورو کان پلاٽ خريد ڪري اسڪول تعمير ڪرايو ۽ 2025 ۾ تاجو شورو کان قانوني ايگريمنٽ تحت پلاٽ خريد ڪري پينزا ايجوڪيشن سسٽم جو آغاز ڪيو، تعلقي مانجھند جي علائقي ۾ ايليمينٽري اسڪول قائم ڪيو ويو، جتي علائقي جا لڳ ڀڳ 250 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پر ڪجهه بااثر ڌريون جن ۾ تاج محمد شورو ۽ خميسو شورو اسڪول جي عمارت تعمير ٿيڻ نه ٿا ڏين ۽ وقتن به وقتن اسڪول تي حملو ڪري ڀنج ڊاهه ڪري سولر سسٽم۽ اسڪول جو ريڪارڊ کڻائي ويا آھن. مون کي موت مار ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته خميسو شورو، تاجو شورو ۽ ڪجهه ٻين بااثر ماڻهن پاران اسڪول جي سرگرمين ۾ مبينا مداخلت ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته انهن ڌرين کي با اثرن جي مبينا پٺڀرائي پڻ حاصل آهي.
بينظير راڄڙ موجب مسلسل ڌمڪين ۽ مبينا خوف واري صورتحال سبب ڪيترن ئي ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سان سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته معاملي بابت ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي به درخواستون ڏنيون ويون، پر اڃا تائين ڪو خاطرخواهه تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو مقصد، ٻارڙن، استادن ۽ اسڪول کي تحفظ فراهم ڪرائڻ ۽ تعليم جو سلسلو بنا ڪنهن خوف جي جاري رکڻ آهي. ھن مطالبو ڪيو ته انتظاميا ۽ پوليس معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، اسڪول کي تحفظ فراهم ڪن، مبينا ڌمڪين ۽ حراسان ڪرڻ واري عمل جي جاچ ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو